عشق پيچه/ عشق پيچان

عشق پيچه/ عشق پيچان

عشق پيچه عشق پيچان

عشق پيچه/ عشق پيچان (Hedera Heliy): هيءَ هڪ ول آهي. هيءَ آسپاس جي وڻن ۽ ٻوٽن تي چڙهندي آهي ۽ انهن کي سڪائي ڇڏي ٿي، جيئن بي پاڙي ول جنهن وڻ تي چڙهندي آهي، ته ان کي سڪائي ڇڏيندي آهي. هن جا پن 5 هڪ جاءِ تي لڳل ٿين ٿا. هن جا گل ننڍڙا، سفيد، زرد، ڳاڙها ۽ نيرا ٿين ٿا. هن جو ٻج غلاف ۾ ويڙهيل ٿئي ٿو. هن کي حب النيل (ڪالا دانه) چون ٿا. هيءَ تاثير ۾ گرم خشڪ آهي. هي جلاب آور آهي. حڪيمن موجب جوڙن جي سور، بخارن ۽ اندرين عضون جي سوڄ ۾ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو